زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽڊ

زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽڊ

زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽڊ

زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽڊ (Z.T.B.L): ملڪ ۾ زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي مقصدن تحت قائم هن بئنڪ جو قيام1961ع ڌاري عمل ۾ آيو. انهيءَ کان اڳ زرعي سڌارن ۽ ترقيءَ لاءِ ٻه سرڪاري ادارا: زرعي ترقياتي مالياتي ڪارپوريشن ۽ بنيادي زرعي ڪارپوريشن ڪم ڪري رهيا هئا. هارين ۽ آبادگارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي 1961ع ۾ اي. ڊي. بي آرڊيننس تحت انهن ٻنهي ادارن کي ضم ڪري ايگريڪلچر ڊولپمنٽ بئنڪ آف پاڪستان (A.D.B.P) جو بنياد رکيو ويو. هيءَ بئنڪ آبادگارن کي زرعي قرض، ٽريڪٽر، هٿرادو ڀاڻ، ٻج، جيت مار دوائن، وڻڪاري، ماهيگيري، مرغي فارمن، ماکيءَ جي افزائش، غذائي جنسن ۽ زرعي اوزارن جي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪندي آهي. آسان زرعي قرضن ذريعي سڄي ملڪ جا آبادگار اهڙيون سهولتون حاصل ڪن ٿا. زرعي ترقياتي بئنڪ جو انتظام هڪ مرڪزي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي هٿ هيٺ هوندو آهي، جنهن ۾ 13 ڊائريڪٽر هوندا آهن، جڏهن ته بورڊ جي چيئرمئن جي مقرري پاڪستان سرڪار طرفان ٿيندي آهي. ڊسمبر 2002ع ۾ وفاقي حڪومت هن بـئـنـڪ ۾ ڪـي سـڌارا آڻـي ان جـو نـالو زرعـي تـرقـياتي بـئـنڪ لميٽڊ (Z.T.B.L) رکيو. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو چيئرمئن سلطان علي چوڌري آهي. جڏهن ته بئنڪ جي پريزيڊنٽ جون ذميواريون احسان الحق خان کي سونپيل آهن. هن بئنڪ جون شاخون سنڌ ۾ لڳ ڀڳ هر شهر ۾ آهن. هن بئنڪ جون اسڪيمون هن ريت آهن:
1. Supervised Agricultural Credit Scheme.
2. Deposits (Fixed, Saving, Current Accounts & Zarai Bachat Scheme)
3. Micro Credit Scheme.
4. Credit to Women Program.
5. One Window Operation.
6. Revolving Finance Scheme (RFS) Sada Bahar Scheme (SBS)
7. Crop Maximization Project.


هن صفحي کي شيئر ڪريو